ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ 5 نومبر جي شام آسمان تي سال جو سڀ کان وڏو ۽ روشن سپر مون نظر ايندو، جيڪو پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو.
سپارڪو جي ترجمان موجب، هي هن سال جي ٽن سپر مونز مان ٻيو سپر مون آهي، جيڪو پنهنجي غيرمعمولي سائيز ۽ روشني سان آسمان تي جلوو ڏيکاريندو. سپر مون تڏهن ظاهر ٿيندو آهي جڏهن مڪمل چنڊ پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندي زمين جي تمام ويجهو اچي ويندو آهي، جنهن سبب اهو عام چنڊ جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ وڌيڪ روشن لڳندو آهي.
اڄ شام ڇهين بجي ۽ اوڻيهه منٽن تي چنڊ پنهنجي روشني جي عروج تي هوندو ۽ زمين کان رڳو 221,817 ميل پري هوندو. ان موقعي تي چنڊ عام حالتن جي ڀيٽ ۾ 9.7 سيڪڙو وڏو ۽ 16 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو.
ماهرن موجب، بيور سپر مون هن سال جو سڀ کان وڏو ۽ روشن چنڊ هوندو، جنهن جو ايندڙ نظارو ڊسمبر ۾ ممڪن آهي. پاڪستان ۾ سياري جي صاف آسمان سبب هي نظارو خاص طور تي شاندار ٿيندو، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي روشني گهٽ هوندي.
سپارڪو جو چوڻ آهي ته چنڊ جي طلوع ٿيڻ کان پوءِ ئي ان جو بهترين نظارو ممڪن ٿيندو، جيڪو نه رڳو فلڪيات جي شوقينن لاءِ پر عام ماڻهن لاءِ به هڪ وڻندڙ تجربو هوندو.

