اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم وفاق لاءِ خطرو آهي ۽ ترميم جو حق صرف انهن ميمبرن وٽ هجڻ گهرجي، جيڪي عوامي مينڊيٽ سان آيا آهن.
هن چيو ته موجوده حڪومت صرف 16 سيٽن سان اقتدار ۾ آئي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اهو تاثر آهي ته وفاق صوبن تي حملو ڪري رهيو آهي. گوهر علي خان چيو ته آئيني ترميم هڪ سنجيده عمل آهي، جنهن کي قومي ضرورت تحت آڻڻ گهرجي، جيئن 18هين ترميم متفقه طور منظور ٿي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 26هين ترميم جي چار شقن تي سخت اعتراض آهي ۽ حڪومت کي خبردار ڪيو ته هو وفاق کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. هن چيو ته صوبا اڃا تائين 11هون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ جا منتظر آهن.
بيرسٽر گوهر چيو ته ملڪ ۾ خسارو وڌي ويو آهي، قوم ورهايل آهي، ۽ حڪومت کي هوش جا ناخن وٺڻ گهرجن. هن چيو ته آئيني ترميم جو حق صرف انهن ميمبرن وٽ هجڻ گهرجي، جيڪي حقيقي نمائندا آهن، نه ته انهن وٽ جيڪي بنا مينڊيٽ جي آيا آهن.
هن مطالبو ڪيو ته محمود خان اچڪزئي کي سندن سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ڇو ته پي ٽي آءِ 74 ميمبرن سان گڏ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست ڏني آهي. گوهر چيو ته اچڪزئي جي جمهوريت لاءِ قربانيون اهم آهن، ۽ هو ئي اپوزيشن ليڊر آهن.
هن رائيٽ آف اپيل جو به مطالبو ڪيو، ته ماڻهن کي 45 ڏينهن اندر اپيل جو حق ملڻ گهرجي. گوهر چيو ته پنجاب حڪومت طرفان خيبرپختونخوا کي گندم جي ترسيل تي پابندي لڳائڻ سبب اتي اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم 20 مهينن ۾ 34 پرڏيهي دورا ڪري چڪو آهي.
آخر ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جي اجازت نه ملي، ۽ اسپيڪر کي گهرجي ته ان معاملي تي رولنگ جاري ڪري.

