راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا برونائي دارالسلام جو اهم دورو ڪيو، جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل شمشاد مرزا سلطانِ برونائي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سلطان پاڪستان جي ھٿياربند فوجن جي پيشيواراڻي معيار جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي، باهمي دلچسپي جا معاملا ۽ فوجي تعاون تي تفصيلي گفتگو ٿي.
جنرل شمشاد مرزا وزيرِ دفاع ۽ رائل برونائي آرمڊ فورسز جي ڪمانڊر سان به الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. هن موارا نيول بيس تي موجود دارالامان جو دورو ڪيو ۽ ڊيفنس اڪيڊمي ۾ شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي پاڪستان جي امن لاءِ ڪيل قربانين ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي.
اڪيڊمي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس جي شاگردن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن ۾ 19 مختلف ملڪن جا آفيسر شامل هئا. ملاقاتن دوران عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي به تفصيلي ڏي وٺ ٿي.
جنرل شمشاد مرزا چيو ته پاڪستان برونائي سان پنهنجا دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. برونائي جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪردار جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته جنرل شمشاد مرزا کي برونائي آرمڊ فورسز جي هيڊڪوارٽر تي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.

