ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا، ضلعي پوليس ۽ سول انٽيليجنس ادارن جي گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو انتهائي مطلوب ڪمانڊر نثار حڪيم مارجي ويو. آپريشن امبيري ڪلهه جي علائقي ۾ 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو.
ذريعن موجب، نثار حڪيم بين الصوبائي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هو، جنهن جي قبضي مان وڏو مقدار ۾ هٿيار ۽ ايمونيشن هٿ آيو. مقابلي دوران 4 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا.
آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد سي ٽي ڊي، ڪرڪ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادريءَ کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جي عزائم کي ناڪام بڻائيندڙ جوان قوم جا فخر آهن. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا پوليس عوام جي جان و مال جي حفاظت لاءِ دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط ديوار بڻجي بيٺي آهي.

