ترميم ڪٿان کان اچي رهي آهي؟ فضل الرحمان جو 27هين آئيني ترميم تي سوال؟

Homeاهم خبرترميم ڪٿان کان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم تي اسحاق ڊار چوندو هو ته اها هضم نٿي ٿئي، هاڻي 27هين ترميم ڪٿي ٻئي هنڌان آندي پئي وڃي.

اهو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته سندن وزيراعظم، آرمي چيف يا بيوروڪريسي سان ڪا ويڙهه ناهي، پر ملڪ ۾ تلخ ماحول کي گهٽائڻ چاهين ٿا.

هن ديني مدرسن بابت پاليسين تي سوال اٿاريندي چيو ته فيض حميد، باجوه ۽ موجوده حڪومتي پاليسين ۾ فرق ڇو ناهي؟ مسلم ليگ (ن) جي طرفان علما جي توهين ڪئي پئي وڃي، امامن کي 12 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن، جيڪو توهين آهي. ڪي پي ڪي ۾ به امامن کي 10 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن، مسجدن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رقمون ورهائيون پيون وڃن.

مولانا چيو ته آئين کي مذاق نه بڻايو وڃي، هڪ سال ۾ ٻي ترميم آڻڻ جو مطلب آهي ته جبر تحت تبديليون ٿي رهيون آهن، جنهن سان عوام جو سياستدانن ۽ آئين تي اعتماد ختم ٿي سگهي ٿو.

هن دعويٰ ڪئي ته 26هين ترميم دوران حڪومت کي 34 شقن تان هٿ کڻائڻ تي مجبور ڪيو، هاڻي ساڳي ريت 27هين ترميم جي تياري ٿي رهي آهي، جنهن جو مسودو اڃا تائين اپوزيشن کي نه مليو آهي.

فضل الرحمان چيو ته هڪ وفاقي وزير گذريل ٽن مهينن کان 27هين ترميم تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها ترميم ٻئي هنڌان تيار ٿي آهي.

افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن اتي مرڪزن تي حملا جائز آهن ته پوءِ ڀارت طرفان مريدڪي ۽ بهاولپور تي حملن کي به جواز ملي سگهي ٿو. افغان حڪومت سان مسئلو آهي، پر سزا افغان مهاجرن کي ڏني پئي وڃي.

هن زور ڏنو ته پاڪستان کي پرو-افغانستان هجڻ گهرجي، جيئن جنگ کان پوءِ به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي آهي ته اهو اسان جو اندريون مسئلو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});