چونڊ سڌارن بابت بل جو مسودو تيار, سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ اوپن بيلٽ جو فيصلو

Homeاهم خبرچونڊ سڌارن بابت...

اسلام آباد: حڪومت چونڊ سڌارن بابت بل جو مسودو تيار ڪري ورتو جنهن جي تحت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ 2023 جي چونڊن ۾ مڪمل طور تي بائيو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چونڊ سڌارا بل جي مسودي ۾ 35 کان وڌيڪ نقطا شامل آهن، تجويز ڪيل بل ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، سمورا سمنڊ پار پاڪستاني اليڪٽرانڪ سسٽم جي تحت ووٽ وجهي سگهندا. تجويز ڪيل بل موجب اڳتي لاءِ گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجو حق استعمال ڪري سگهندا جڏهن ته 2023 جي چونڊن ۾ مڪمل طور تي بائيو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بائيو ميٽرڪ جو پهريون تجربو 3 مهينن کان پوءِ گلگت بلتستان ۾ ڪيو ويندو.

 تجويز ڪيل بل ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ به قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، بل ۾ سينيٽ اليڪشن وزير اعظم جي چونڊن جيان ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي. تجويز ڪيل بل موجب پولنگ اسٽيشن جي چونڊ جو نتيجو 24 يا 48 ڪلاڪن بدران فوري موڪلڻو پوندو، پولنگ ايجنٽ ڳڻپ مڪمل ٿيڻ جي فوري بعد رزلٽ موڪلڻ جو پابند هوندو، ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پريذائڊنگ آفيسر کي 3 سالن قيد جي سزا ملندي. ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي منشيات جي تدارڪ بابت وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته چونڊ سڌارن جو ڊرافٽ وزير اعظم کي پيش ڪيو جنهن کي تقويت ملي، جيستائين ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت نه هوندي قانون سازي ۾ رنڊڪ آهي، عمران خان سينيٽ ۾ شفاف چونڊون چاهي ٿو. اعظم سواتي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ شو آف هينڊ هوندو، گذريل سينيٽ چونڊن ۾ 3 سيٽون رکڻ واري پارٽي 22 سينيٽر چونڊرايا، آئين ۾ ترميم تجويز ڪري رهيا آهيون جيئن هارس ٽريڊنگ هميشه جي لاءِ دفن ٿي وڃي. هن چيو ته عام چونڊون بائيو ميٽرڪ جي ذريعي ڪرائينداسين جيئن شفافيت تي ڪو به شڪ نه رهي، گلگت بلتستان ۾ چونڊون بائيو ميٽرڪ طريقي سان ٿينديون، گلگت بلتستان چونڊن ۾ سمنڊ پار ماڻهن جي ووٽ به هوندي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 وڏو زبردست قانون آهي، جيڪا گهٽتائي رهجي وئي هئي اُها ختم ڪئي وئي، هاڻ پولنگ عملو لاڳاپيل تحصيل ۽ يونين ڪونسل جو نه هوندو، پريذائيڊنگ آفيسر ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندو ته 3 سال قيد ملندي. اعظم سواتي وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت وٽ اڪثريت ناهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});