موغاديشو(ويب ڊيسڪ) صوماليا جي سامونڊي علائقي ۾ قزاقن مالٽا جي تيل بردار جهاز “هيلاس ايفروڊائٽ” تي حملو ڪري قبضو ڪري ورتو، جيڪو ڀارت کان ڏکڻ آفريڪا طرف روانو هو. جهاز جي يوناني مئنيجر ليٽسڪص ميرين موجب، جهاز جي 24 عملي جا ميمبر محفوظ آهن ۽ سندن سان رابطي ۾ آهيون.
واقعي کان پوءِ يورپي يونين جي بحري فورس مدد لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي، جڏهن ته قزاقن طرفان فائرنگ ۽ راڪٽ گرينيڊ سان حملو پڻ ڪيو ويو. سڪيورٽي ڪمپني موجب، عملي محفوظ ڪمري ۾ پناهه ورتي.
خطي ۾ قزاقي حملن ۾ واڌ سبب سامونڊي آمد و رفت تي خدشا وڌي ويا آهن، جتان عالمي مارڪيٽن تائين اهم پيٽروليم مصنوعات جي ترسيل ٿيندي آهي.
ياد رهي ته مئي 2024 ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو هو، جڏهن قزاقن لائبيريا جي جهاز “باسيليڪ” تي قبضو ڪيو هو، جنهن جي عملي کي بعد ۾ يورپي فورس آزاد ڪرايو هو.

