ڪراچي: ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ سرڪل ڪارروائي ڪندي گلشن اقبال جي رهواسي ڪاشف رضا کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو آسٽريلوي جعلي ورڪ ويزا ڏيڻ جي نالي تي شهري کان 8 لک رپيا ايڊوانس طور وصول ڪري چڪو هو.
ذريعن موجب، ملزم رجسٽرڊ اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽر نه هو، ۽ مجموعي طور تي 28 لک رپين ۾ ویزي جو معاملو طئي ڪيو ويو هو.
ايف آءِ اي طرفان ملزم خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

