يونان ۽ البانيا جي سرحد تي واقع هڪ غار ۾ محققن طرفان مڪڙين جو 100 مربع ميٽر تي پکڙيل جال دريافت ٿيو آهي، جيڪو ممڪن طور دنيا جو سڀ کان وڏو جال قرار ڏنو پيو وڃي.
هي جال 69 هزار ’بارن فنل ويور‘ ۽ 42 هزار ’شيٽ ويور اسپائڊر‘ مڪڙين جو مسڪن آهي، جيڪي گڏجي سماجي جال ٺاهين ٿيون.
محققن موجب، هي پهريون ڀيرو آهي جو مختلف قسمن جي مڪڙين طرفان گڏيل جال بُڻيل مليو آهي، جيڪو 2022 ۾ زير زمين وائلڊ لائيف سروي دوران مہم جوئن دريافت ڪيو هو.
غار جو داخلا يونان ۾ آهي، جڏهن ته ان جي گہرائي البانيا جي علائقي ۾ واقع آهي، جتي محققن ڪيترائي دورا ڪري تفصيلي مطالعو ڪيو.

