هنگري سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جي گيمر زيبولس سيپ عرف ’گراس هوپر‘ 144 ڪلاڪ مشهور وڊيو گيم ’ڊانس ڊانس ريوولوشن‘ کي مسلسل کيڏي گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو۔
هن نه صرف طویل ترين وڊيو گيم ميٿان جو رڪارڊ ٺاهيو، پر ڪنهن به ريڌمڪ گيم ٽائيٽل تي سڀ کان ڊگهو سيشن پڻ پنهنجي نالي ڪيو۔
ان کان اڳ 2015 ۾ آمريڪي گيمر ڪيَري سوئيڊيڪي 138 ڪلاڪ 34 سيڪنڊ تائين ’جسٽ ڊانس‘ کيڏي رڪارڊ قائم ڪيو هو۔
زيبولس موجب، کيس ڪيَري جي ڪاميابي بابت ڄاڻ ملڻ کان پوءِ هميشه اهو خيال رهندو هو ته ڪيَري هڪ ڏهاڪي اڳ اهڙو ڊگهو سيشن ڪيئن مڪمل ڪيو۔
نئين رڪارڊ جي ڪوشش دوران زيبولس 3000 کان وڌيڪ گانن تي ڊانس ڪيو، جيڪو گيمنگ جي دنيا ۾ هڪ منفرد ڪارنامو آهي۔

