ڪراچي(رپورٽ: سُڌير جوکيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ۾ صوبن جي مالي حصي ۾ گهٽتائي جي تجويز کي سختي سان رد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 243 ۾ تجويز ڪيل تبديلي جي حمايت ڪئي ويندي۔
بلاول ڀٽو بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جتي تجويز ڪيل آئيني ترميم تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته: اين ايف سي تحفظ ختم ڪرڻ واري شق کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ۽ آرٽيڪل 243 کانسواءِ باقي تجويزون رد ڪيون ويون آهن۔
هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ن ليگ جو وفد حمايت لاءِ آيو هو، جنهن بعد سي اي سي جو اجلاس طلب ڪيو ويو۔ بلاول چيو ته آئيني عدالت جي قيام بابت حتمي فيصلو اڄ جمعي جي نماز بعد ٻي اجلاس ۾ ڪيو ويندو۔
اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، قادر پٽيل، نفيسه شاهه، قمر زمان ڪائره، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، راجا پرويز اشرف، رضا رباني ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔
پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو جي سوشل ميڊيا پوسٽ بعد اجلاس طلب ڪيو ويو، ۽ اهو اجلاس شيڊيول نه هو۔ هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي صوبن جي خودمختياري جي علمبردار رهي آهي. ۽ 18هين ترميم جو رول بيڪ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو۔
شازيه مري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن نظام ۾ اهڙي تبديلي آندي وڃي، جيڪا روزمره جي ڪم ۾ سڌارو آڻي، ته ان تي غور ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، پر صوبن جي حقن تي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي۔

