ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عروشہ سعيد 57 ڪلوگرام ويٽ ڪيٽيگري ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، دنيا جي بهترين رانديگرن سان مقابلو ڪندي کانسي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو.
هي تمغو ڇهين اسلامڪ ساليڊيريٽي گيمز ۾ پاڪستان طرفان حاصل ٿيندڙ پهريون ميڊل آهي، جيڪو نه صرف قومي فخر جو باعث بڻيو، پر عالمي سطح تي پاڪستاني عورتن جي صلاحيتن جو ثبوت به ڏنو.
عروشہ جي تياريءَ ۾ هيڊ ڪوچ محمد سعد، محمد رفيق ۽ شاهزيب نواز جو اهم ڪردار رهيو، جن جي انتھڪ محنت ۽ پيشه ورانه تربيت سان ٽيم کي هي ڪاميابي حاصل ٿي.
عروشہ سعيد جي همت، مهارت ۽ جذبي سان پاڪستاني نوجوانن لاءِ نئين راهون کلي سگهن ٿيون، ۽ عالمي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿي رهيو آهي.

