ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور ڪوريئوگرافر ۽ فلم ساز فرح خان هڪ ٽي وي شو دوران پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي دور جي تلخ ياد کي بيان ڪندي ٻڌايو ته کيس فلم جي شوٽنگ دوران ھراساني کي منھن ڏيڻو پيو پيو.
فرح خان، ٽوئنڪل کنا ۽ ڪاجول جي ميزبانيءَ واري پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته هوءَ هڪ فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪري رهي هئي، جڏهن فلم جو هدايتڪار گاني تي ڳالهه ڪرڻ جي بهاني سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ بيڊ تي ويهي ويو، جنهن سان فرح کي شديد بيچيني محسوس ٿي. هن فوري طور تي کيس ڪمري مان نڪرڻ لاءِ چيو.
فرح خان جو چوڻ هو ته ان وقت کيس ڪم جي سخت ضرورت هئي، تنهن ڪري اهڙي صورتحال باوجود پيشه ورانه ذميواريون نڀائڻيون پيون. هن ان واقع کي اڄ به هڪ تلخ ياد طور ياد ڪندي آهي.
ٽوئنڪل کنهه به ان واقع جي تصديق ڪندي چيو ته هوءَ ان وقت موجود هئي ۽ هدايتڪار واقعي فرح خان جي پويان لڳل هو.
هي انڪشاف بالي ووڊ جي انهن اونداهين پاسن کي اجاگر ڪري ٿو، جتي عورتن کي نه صرف تخليقي ميدان ۾ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، پر محفوظ ماحول لاءِ به آواز اٿارڻو پوي ٿو.

