اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آئيني ڍانچي ۾ تاريخي تبديليءَ جي تجويز سامهون اچي وئي، جتي ستاويهين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل مسودي تحت نئين “وفاقي آئيني عدالت” جو قيام، سپريم ڪورٽ جا سو موٽو اختياري ختم ڪرڻ، ۽ آرمي چيف کي “ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز” جو عهدو ڏيڻ شامل آهي
ميڊيا کي مليل 25 صفحن تي ٻڌل مسودي ۾ 48 شقن ۾ تبديليون تجويز ڪيون ويون آهن، آرٽيڪل 243 تحت صدر مملڪت، وزيراعظم جي سفارش تي آرمي چيف جي مقرري ڪندو، جيڪو ساڳي وقت ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز به هوندو. 27 نومبر 2025 کان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو عهدو ختم تصور ڪيو ويندو.
مسودي موجب، نئين وفاقي آئيني عدالت 7 ججن تي ٻڌل هوندي، جنهن جا فيصلا سپريم ڪورٽ سميت سڀني عدالتن تي لاڳو هوندا، پر سپريم ڪورٽ جا فيصلا آئيني عدالت تي لاڳو نه ٿيندا، عدالت جي مستقل سيٽ اسلام آباد ۾ هوندي، جتي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ آئيني تڪرارن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي
آرٽيڪل اي 175 تحت ججن جي مقرريءَ جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويو آهي، جتي سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي سينيئر ججن تي ٻڌل نئون جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيندو، ججن جي تبادلي جو اختيار به سپريم جوڊيشل ڪميشن کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تبادلي کان انڪار تي جج کي ريٽائر تصور ڪيو ويندو
فيئلڊ مارشل، ايئر مارشل ۽ ايڊمرل آف فليٽ جا عهدا تاحيات رهندا، جن کي آرٽيڪل 47 جي بغير هٽائي نه سگهبي، انهن جي وردي، مراعات ۽ حيثيت برقرار رهندي، ۽ انهن کي قومي هيرو تصور ڪيو ويندو
مسودي ۾ پيپلز پارٽي جي اعتراضن سبب اين ايف سي، تعليم، صحت، آبادي ۽ ايگزيڪٽو مجسٽريٽ سان لاڳاپيل شقون خارج ڪيون ويون آهن، ترميمي بل جلد سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جتان ان تي گڏيل پارلياماني ڪميٽي غور ڪندي
هي ترميمون ملڪ جي آئيني، عدالتي ۽ دفاعي ڍانچي کي بنيادي طور تي بدلائي سگهن ٿيون، جن تي سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ تيز بحث جو امڪان آهي.

