اسلام آباد (بيورو رپورٽ): 27هين آئيني ترميم جو مسودو سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران اپوزيشن جي ميمبرن پاران ايوان ۾ شور شرابو جاري رهيو۔
سينيٽ جو اجلاس تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ دير سان چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو ايوان ۾ پيش ڪيو۔
قانون واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان 27هين آئيني ترميم بابت بحث جاري آهي۔ اڄ وفاقي ڪابينا ستاويهين آئيني ترميمي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ هاڻي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏني ويندي۔
هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن سان صلاح مشوري بعد آئيني ترميم جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي تبادلي جو اختيار جوڊيشل ڪميشن کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ اهڙيءَ طرح صوبائي ڪابينا جي انگ ۾ واڌ جي تجويز به شامل آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته بل کي منظور يا مسترد ڪرڻ جو اختيار هن ايون وٽ آهي۔ سروسز سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهائڻ وقت وڏي احتياط جي ضرورت آهي۔
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪيو ويندو۔ آرمي چيف جي خدمتن کي قومي حيثيت حاصل آهي ۽ قوم کيس فِيلڊ مارشل جي رينڪ سان نوازيو آهي۔ فِيلڊ مارشل، مارشل آف دي ائير فورس، ۽ فليٽ مارشل جا عهدا تاحيات هوندا۔ انهن اعزازي عهدن کي ختم ڪرڻ جو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو پيو وڃي۔
هن چيو ته آرمي چيف ئي چيف آف ڊي فنس فورسز هوندو۔ 27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو۔ وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف جي مشاورت سان چيف آف نيشنل ڪمانڊ کي مقرر ڪندو۔ فِيلڊ مارشل جو عهدو واپس وٺڻ جو اختيار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس وٽ هوندو۔ صدارتي مواخذي جي طرز تي فِيلڊ مارشل جو عهدو واپس ورتو ويندو۔
تجويز ڪيل بل گڏيل ڪميٽي حوالي
بعد ۾ سينيٽ آئيني ترميمي بل کي گڏيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو۔ هن سلسلي ۾ سينيٽ جي انصاف ۽ قانون واري قائمہ ڪميٽي ۽ قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي جي ميمبرن کي پڻ دعوت ڏني ويندي۔ گڏيل ڪميٽي جي صدارت ٻنهي قائمہ ڪميٽين جا چيئرمين گڏيل طور تي ڪندا۔
اپوزيشن جو ردعمل
اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته پورو ايون ڪميٽي ۾ تبديل ڪيو وڃي۔ اسان کي اڃا تائين 27هين آئيني ترميم جو مسودو ڏنو ئي ناهي۔ اپوزيشن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي۔
سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته اهي ترميمون بغير اتفاق راءِ جي پيش ڪيون ويون آهن۔ اسان کي ٻڌايو وڃي ته اهڙين ترميمن بعد پاڪستان جي عوام کي گڏ ڪيئن رکيو ويندو۔
هن چيو ته آئين ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو عهدو ان ڪري رکيو ويو ڇو ته اها پوزيشن سڄي دنيا ۾ موجود آهي۔ پر اسان وٽ آرمي چيف کي وڌيڪ طاقت ڏني پئي وڃي۔
راجا ناصر عباس وڌيڪ چيو ته ملڪ جا ادارا مفلوج ٿي ويا آهن۔ اسان کي زبردستي بٺايو ويندو آهي ۽ ٻه ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو آهي۔ جيڪڏهن اهڙي طريقي سان قانونسازي ٿيندي ته آئين تڪراري بڻجي ويندو۔ اسان کي نه ترميمون ٻڌايون ويون ۽ نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو۔
هن چيو ته طاقتور کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قانون هجڻ گهرجن، نه ته ترميمن سان طاقتور کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ويندو۔ اسان اهڙي ترميم ۽ طريقيڪار کي قبول نٿا ڪريون۔ حڪومت کي گهرجي ته اتفاق راءِ سان نئون مسودو آڻي۔
اسحاق ڊار جو موقف
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته قائمہ ڪميٽي ۾ تفصيلي بحث ٿيندو۔ قائد حزب اختلاف جي مقرري جو اختيار چيئرمين سينيٽ وٽ آهي۔ هن چيو ته جناب چيئرمين، اهو توهان جو استحقاق آهي، توهان ئي اها مقرري ڪندا۔
اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن جو شور شرابو به جاري رهيو۔
گڏيل ڪميٽي جو اجلاس طلب
بعد ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل قانون و انصاف ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي قائمہ ڪميٽين جا چيئرمين گڏيل طور ڪندا۔ قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي براءِ قانون و انصاف جو چيئرمين محمود بشير ورڪ آهي، جڏهن ته سينيٽ جي قائمہ ڪميٽي جو سربراهه فاروق ايچ نائڪ آهي۔

