لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپسي روڊ، هربنس پورہ نادر مارڪيٽ ويجهو هڪ گهر ۾ سلنڊر ڌماڪي سبب عمارت جي پهرين منزل ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿيا.
ريسڪيو 1122 موجب، اطلاع ملڻ تي 18 ايمرجنسي گاڏين ۽ 50 ريسڪيو اهلڪارن سان گڏ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن جي قيادت ضلعي ايمرجنسي آفيسر شاهد وحيد ڪئي. اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ملبي هيٺان ڦاٿل 7 ماڻهن کي زندهه ٻاهر ڪڍي ورتو.
زخمين ۾ 20 ورهين جي صبا، 50 ورهين جي عشرت، 16 ورهين جي عتيقہ، 40 ورهين جي رخسانه، 21 ورهين جي شهر بانو، 24 ورهين جي عروج ۽ 16 ورهين جو حبيب شامل آهن، جن کي ويجهي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوت ٿيندڙن ۾ 55 ورهين جي عزرا، 19 ورهين جو آفتاب ۽ 2 ورهين جو صائم شامل آهن. ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.

