اسلام آباد – نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ستائيهين آئيني ترميم لاءِ سينيٽ ۾ نمبر مڪمل هجڻ بابت صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا. پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان سينيٽرز جي اعزاز ۾ ناشتي جو اهتمام ڪيو ويو، جتي اتحادي جماعتن جي سينيٽرز سان ملاقات پڻ طئي هئي.
ناشتي جي موقعي تي صحافين پاران پڇيل سوال تي اسحاق ڊار چيو، “جي ان شاءالله!” جڏهن ته نیشنل پارٽي جي حمايت بابت سوال تي هن چيو ته “ووتنگ وقت سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.” هن ٻڌايو ته سينيٽر عرفان صديقي سخت بيمار آهن.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ترميم جي حمايت تي اتحادي جماعتن جا ٿورا مڃيندو، جڏهن ته وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ترميم بابت بريفنگ ڏيندو.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعوان چيو ته آئيني عدالت وقت جي ضرورت آهي ۽ ملٽري ڪمانڊ بابت ڊگهي مشاورت ڪئي وئي آهي.
ستائيهين آئيني ترميم تي سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ۽ اتحادي جماعتن جي موقف تي سڀني جون نظرون مرڪوز آهن.

