مالي (ويب ڊيسڪ) مغربي آفريقي ملڪ مالي جي شهر *تونڪا* مان تعلق رکندڙ مشهور ٽڪ ٽاڪر مريم سسي کي شدت پسندن پاران (فوج سان تعاون) جي الزام هيٺ اغواڪري سرعام قتل ڪيو ويو، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ غم ۽ خوف جي لهر ڇانجي وئي آهي۔
مريم سسي، جيڪا ٽمبڪتو علائقي مان هئي، ٽڪ ٽاڪ تي شهر جي روزمره زندگي بابت وڊيوز شيئر ڪندي هئي ۽ هن جا 90 هزار کان وڌيڪ فالوورز هئا۔ مقامي اختيارين موجب، شدت پسندن الزام لڳايو ته مريم فوج کي سندن تحريڪن بابت معلومات فراهم ڪري رهي هئي، جنهن سبب هن کي *جمعرات 6 نومبر 2025* تي اغوا ڪيو ويو ۽ *ايندڙ ڏينهن تونڪا جي آزادي اسڪوائر* تي *سرعام گولي هڻي قتل* ڪيو ويو۔
مريم جي ڀاءُ ٻڌايو ته هوءَ *لائيو اسٽريم* دوران اغوا ٿي، ۽ بعد ۾ ماڻهن جي سامهون قتل ڪئي وئي، جنهن جو مقصد عوام کي دهشت ۾ مبتلا ڪرڻ هو۔ هي واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي، جڏهن ملڪ *فوجي حڪومت (ملٽري جونٽا) جي قبضي هيٺ آهي، جيڪا 2012 کان جاري شدت پسند بغاوت تي قابو پائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي۔
مريم جي قتل سان مالي جي سوشل ميڊيا صارفين ۽ انساني حقن جي تنظيمن طرفان سخت ردعمل ڏنو ويو آهي، جتي اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ عورتن جي تحفظ بابت سوال اٿاريا پيا وڃن. هي واقعو نه صرف سوشل ميڊيا انفلوئنسرز لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، پر ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي به سنجيده سوال ڇڏي ويو آهي.

