گڏاپ ٿاڻي جو شرابي اهلڪار علائقي واسين لاءِ عذاب بڻجي ويو

Homeاهم خبرگڏاپ ٿاڻي جو...

ڪراچي (نمائندو خاص) گڏاپ ٿاڻي ۾ مقرر پوليس اهلڪار شبير احمد بلوچ مبينا طور تي علائقي واسين ۽ دڪاندارن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي، جنهن خلاف بنديچا اسٽاپ جي رهاسين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته اهلڪار هر روز شراب جي نشي ۾ دڪانن تي اچي ڀتو وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ انڪار ڪرڻ تي ڀڃ ڊاهه، گارگند ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو۔

علائقي واسين موجب، شبير بلوچ جا رويا حد کان وڌي چڪا آهن۔ سندس نشي ۾ هُلڙبازي سبب علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي۔ دڪاندارن ٻڌايو ته اهلڪار ڪيترائي ڀيرا دڪانن ۾ داخل ٿي سامان اڇلايو، ڳوٺاڻن کي مارڪٽ ڪئي ۽ علائقي جو امن بگاڙيو۔

دڪاندارن شبير بلوچ جي ڪرتوتن جون ويڊيوز به تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا تي دٻاءُ وڌائي رهيون آهن۔

احتجاج ڪندڙن ۾ مقامي واپاري، ڳوٺاڻا ۽ سماجي اڳواڻ شامل هئا، جن صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گڏاپ ٿاڻي جي اهلڪار شبير احمد بلوچ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ته جيئن علائقي واسي سک جو ساھ کڻي پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن۔

رهواسين چيو ته شبير بلوچ روزاني دڪانن تي اچي شراب جي نشي ۾ غيراخلاقي رويو اختيار ڪري ٿو ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو۔ انهن چيو ته اسان وٽ ان جا سڀ ثبوت موجود آهن، پر انتظاميا خاموش آهي۔

علائقي واسي ۽ دڪاندار حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته شرابي پوليس اهلڪار خلاف معطلي ۽ عدالتي جاچ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، جيئن پوليس وردي ۾ موجود بدنام عناصر کي بي نقاب ڪري امن بحال ڪري سگهجي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});