اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني ترميم جي منظوري تي بيرسٽر گوهر علي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اڄ جمهوريت لاءِ سوگ جو ڏينهن آهي، ۽ ترميم کان پوءِ جمهوريت صرف نالي جي رهجي وئي آهي۔ هن چيو ته آئيني ذميواريءَ سان بي ايماني ڪئي وئي، ۽ قانون جي بالادستيءَ کي ذاتي مفادن لاءِ قربان ڪيو ويو۔
خطاب دوران گوهر علي چيو ته اڄ جمهوريت کي دفن ڪرڻ لاءِ هڪ قدم اڳتي وڌايو ويو آهي، 26هين ترميم جو رهيل ايجنڊا هاڻ آندو ويو آهي، طاقت جي بنياد تي قائم عمارتن کي عوام پنهنجو بوجھ سمجهي ٿو۔ هن الزام لڳايو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو باڪو ۾ ويهي ترميم منظور ڪئي وئي، جنهن کي هن “باکو ترميم” قرار ڏنو۔
هن چيو ته قانون جي سامهون جوابدهي ئي قانون جي عزت آهي، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ صدر کي استثنا حاصل ناهي، ذاتي مفادن لاءِ قائم ڪيل ادارن کي عوام غلامي جي يادگار سمجهي ٿو۔ گوهر علي چيو ته صبح جي بي نوريءَ وانگر هن ترميم کي قبول نٿا ڪريون۔
هن الزام لڳايو ته حڪمران پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي پاسي تي ٿي ويا آهن، عوام کي بنيادي سهولتون نٿيون ملن، اسپتالن ۾ بيڊ ناهن، کاڌو نٿو ملي، ۽ هاڻ هڪ نئين ايليٽ ڪلاس آندي پئي وڃي جيڪا قانون کان مٿانهين هجي۔ گوهر علي چيو ته 141 ذاتي ڪيسز لاءِ آئيني عدالت جو قيام ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عدليه تي قبضو ڪري مرضي جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
هن چيو ته آرٽيڪل 176 ۾ تبديلي آڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب عالمي عدالتي فورمن تي ملڪ جي نمائندگي ممڪن نه رهندي۔ گوهر علي چيو ته آئيني ترميم سان عوام اميدون جوڙي ٿو، پر اڄ افسوس سان جمهوريت لاءِ سوگ جو ڏينهن آهي۔
هن چيو ته جمهوريت لاءِ آئيني تبديليون اتفاق راءِ سان ٿينديون آهن، جڏهن ته وزيراعظم پاڻ چيو هو ته لوٽن جو ووٽ نه ورتو، پر هاڻ ترميم ٻن لوٽن جي ووٽ سان پاس ڪرائي وئي آهي۔ گوهر علي چيو ته اسان انهن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻينداسين، ۽ اهو ضرور ٿيندو۔

