اسلام آباد – صدر آصف علي زرداري 27هين آئيني ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون، جنهن کان پوءِ بل هاڻي پاڪستان جي آئين جو باقاعده حصو بڻجي ويو آهي. بل کي اڳ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي مان منظوري ملي چڪي هئي.
سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان بل کي وزارت پارليماني امور ڏانهن اماڻيو ويو، جتان صدر مملڪت ڏانهن منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. صدر جي صحيحن کان پوءِ وزارت قانون طرفان گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
ياد رهي ته سينيٽ ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ 27هين ترميم جو نئون متن پيش ڪيو هو، جنهن کي شق وار طريقي سان ٻن ٽيهائي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ پيا، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا 4 ميمبر مخالفت ۾ ووٽ ڏنا.
پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ حتمي منظوري کان اڳ واڪ آئوٽ ڪري وئي، جڏهن ته جے يو آءِ (ف) جا ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا.
ترميمي بل جي منظوري سان گڏ، هاڻي لاڳاپيل قانونن ۾ به تبديليون متوقع آهن، جيئن ته فوجي ۽ عدالتي قانونن کي نئين آئيني ترميم سان هم آهنگ بڻايو وڃي.
صدر پاران 27هين آئيني ترميمي بل تي صحيح، بل آئين جو حصو بڻجي ويو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

