اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان سوڌو پوري دنيا ۾ عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزارت سائنس جي ڪلينڊر موجب هن ڀيري ملڪ ۾ عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي، هُن دعويٰ ڪئي ته هن ڀيري دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان سان گڏ تقريبن پوري دنيا ۾ ئي عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي، جن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا، سعودي عرب ۽ ٻيا مسلمان ملڪ به شامل آهن ۽ اهي عيدالفطر 24 مئي تي ملهائيندا، فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزارت سائنس جي ڪميٽي ۾ وفاقي وزير غلام سرور ۽ نور الحق کي به دعوت ڏني وئي آهي.
پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي: فواد چوڌري
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

