سلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953ع ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961ع ۾ اهم ترميمون وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتيون.
اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير دفاع خواجه آصف طرفان آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ويو. اسپيڪر جي راءِ شماري بعد بل منظور ڪيو ويو. ساڳيءَ ريت ايئر فورس ۽ نيوي جي قانونن ۾ ترميمي بل پڻ پيش ۽ منظور ڪيا ويا.
آرمي ايڪٽ جي 11 شقن ۾ تبديليون
آرمي ايڪٽ 1952ع جي باب ون-اي ۾ ترميم تحت “جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي” جي جاءِ تي “ڪمانڊر آف نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ” جو عهدو شامل ڪيو ويو. ان سان گڏ، آرمي چيف کي هاڻ “چيف آف ڊي فنس فورسز” مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي مدت پنج سال مقرر ڪئي وئي آهي.
قانوني وزير اعظم نذير تارڙ وضاحت ڪئي ته 27هين آئيني ترميم سان مطابقت لاءِ هي تبديليون آنديون ويون آهن. هن ٻڌايو ته نئين عهدن جي مقرري آئيني عدالت جي ذريعي ٿيندي، جنهن جي پهرين مقرري چيف جسٽس جي هوندي.
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور
ايوان ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي بابت ترميمي بل پڻ پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو.
گهريلو تشدد کي روڪڻ بابت بل تي اختلاف
ميمبر شرميلا فاروقي طرفان گهريلو تشدد جي تحفظ ۽ روڪڻ بابت بل پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو. جي يو آءِ جي ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي. ميمبر نعيمه ڪشور، عاليه ڪامران ۽ شاهده اختر علي بل کي اسلامي قانونن سان تضاد قرار ڏيندي مخالفت ڪئي.
اسپيڪر وضاحت ڪئي ته اجلاس ملتوي ڪرڻ سبب رولز معطل ڪيا ويا. وزيراعظم پڻ اجلاس ۾ موجود هئا، جن ايم ڪيو ايم جي ترميم بابت ڳالهائيندي چيو ته حليف جماعتن سان مشاورت بعد معاملو حل ڪيو ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هاڻ سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

