ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسڪول مالڪن سنڌ ڪورونا ايمرجنسي رليف آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي 3 جون تائين نوٽيس جاري ڪندي سمورين ڌرين کي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو، درخواستگذار چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمورن اسڪولن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو پابند ڪيو آهي پر حڪومت اسڪولن جي نقصان ۽ فائدي کي نظر ۾ نه رکيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪارروائي ته تڏهن شروع ٿيندي، جڏهن فيسن جا چالان جاري ڪيا ويندا يا ٻارڙن کي اسڪولن مان ڪڍيو ويندو، موڪلن جي ڏهاڙن دوران اسڪول کوليا ويا ته ڪارروائي به ٿيندي.
اسڪول مالڪن سنڌ ڪورونا ايمرجنسي رليف آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

