غزه ورهائڻ جو خفيه منصوبو بي نقاب

Homeاهم خبرغزه ورهائڻ جو...

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اخبار گارڊين دعويٰ ڪيو آهي ته آمريڪا غزه جي ڊگهي مدي واري ورهاست لاءِ منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تحت علائقي کي گرين زون ۽ ريڊ زون ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب گرين زون عالمي ۽ اسرائيلي فوجي ڪنٽرول هيٺ هوندو، جڏهن ته ريڊ زون ملبي تي مشتمل هوندو. ابتدائي مرحلي ۾ غير ملڪي فوجي دستا اسرائيلي اهلڪارن سان گڏ مقرر ڪيا ويندا. گرين زون جي تعمير نو سان فلسطيني شهرين کي منتقل ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته متبادل محفوظ ڪميونٽين جو منصوبو ختم ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ مستقل امن ۽ فلسطيني حڪمراني بابت آمريڪي واعدن تي سوال اٿڻ لڳا آهن. انساني حقن جي عالمي تنظيمن طرفان آمريڪي منصوبي تي سخت تحفظات ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ خدشو آهي ته امن فورس اسرائيلي انخلا ۽ تعمير نو کانسواءِ غزه ۾ ڦاسي پوندي. آمريڪا يورپي ملڪن کي امن فورس جو بنيادي حصو بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي، پر فوجي دستا موڪلڻ بابت هچڪچاهٽ سبب منصوبو غير حقيقي قرار ڏنو ويو آهي. ابتدائي طور تي چند سو اهلڪار، بعد ۾ 20 هزار فوجين تائين فورس وڌائڻ جي تجويز تي غور جاري آهي، جڏهن ته جارحاڻين ڪارروائين جي خدشن سبب فوجي دستا صرف گرين زون تائين محدود رکيا ويندا.

گارڊين موجب منصوبي ۾ اسرائيلي انخلا لاءِ ڪو واضح ٽائيم فريم ناهي ڏنو ويو، فلسطيني پوليس فورس کي محدود ڪردار تائين محدود ڪيو ويو آهي. غزه جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو تباهه ٿي چڪو آهي، جتي فوري تعمير نو جي سخت ضرورت آهي. معصوم فلسطيني شهرين لاءِ امداد جي ترسيل ۾ اسرائيلي رڪاوٽون برقرار آهن، جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ فلسطيني ريڊ زون ۾ بي گهر ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});