ڀٽو جي شهر مان نوگوايرياز جو دور ختم

Homeاهم خبرڀٽو جي شهر...

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي رينج مان نوگوايرياز جو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پوليس جي جارحاڻي ڪاررواين سبب ڏوهارين جا مضبوط ٺڪاڻا ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سان علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ سڌارو آيو آهي.

گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ هڪ ڊنر تقريب دوران خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ لاڙڪاڻي رينج جي پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جن اغوا، ڀنگ ۽ هني ٽريپ گينگن خلاف ڪامياب آپريشن ڪري انهن جو خاتمو ڪيو. هن چيو ته لاڙڪاڻه رينج ۾ هاڻ اغوا ڀنگ جا واقعا تقريباً ختم ٿي ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور ڏوهن ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي.

غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي شهزاد چاچڙ جي قيادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته انهن خطرناڪ علائقن ۾ اڳواڻي ڪندي پوليس فورس جي حوصلا افزائي ڪئي، جتي اڳ ۾ ماڻهو وڃڻ کان به ڊڄندا هئا. “جڏهن ڪو آفيسر پاڻ اڳيان وڌي ٿو ته سندس ساٿي به بهادري سان اڳتي وڌن ٿا،” آءِ جي چيو.

هن انٽيليجنس ادارن ۽ سنڌ رينجرز جو به خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو، جن پوليس سان گڏجي ڏوهارين خلاف ڪاررواين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آءِ جي ٻڌايو ته سنڌ پوليس جي 2,576 شهيدن مان 512 لاڙڪاڻي رينج سان تعلق رکن ٿا، جيڪو ڪراچي رينج کان پوءِ ٻيو وڏو انگ آهي.

غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته پوليس جو ايندڙ هدف ڀتو وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي آهي. هن چيو ته هاءِ ويز تي بهتر سيڪيورٽي انتظامن سبب هاڻ عوام لاءِ سفر وڌيڪ محفوظ ۽ آسان ٿي ويو آهي. “صرف سيڪيورٽي نه، پر ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس به پيدا ڪرڻ ضروري آهي،” آءِ جي زور ڀري چيو.

لاڙڪاڻه رينج ۾ امن جي بحالي لاءِ پوليس جي ڪوششن کي عوامي حلقن ۾ به ساراهيو پيو وڃي، جتي اڳي ڏوهارين جو راڄ هو، اتي هاڻ امن قائم ٿيڻ لڳو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});