پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ لڪي مروت ۾ پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي گڏيل ڪامياب آپريشن دوران 5 خارجي دهشتگردن کي ماريو ويو.
رپورٽن موجب، بنون ۽ لڪي مروت جي سرحدي علائقن تختي خيل ۽ هويد ۾ دهشتگرد تنظيم “فتنه الخوارج” جي موجودگي جي اطلاع تي ضلعي پوليس ۽ سي ٽي ڊي گڏجي ڪارروائي ڪئي. آپريشن ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) بنون سجاد خان جي سڌي نگراني هيٺ جاري رهيو.
آپريشن دوران مقامي ماڻهن پوليس سان ڀرپور سهڪار ڪيو. پوليس جي بهادر جوانن جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪار محفوظ رهيا.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته هو امن جي قيام لاءِ پوليس سان گڏ بيٺل آهن ۽ خيبرپختونخوا پوليس جي قربانين کي ساراهين ٿا.
آر پي او سجاد خان چيو ته عوام جي تحفظ ۽ امن جي بحالي لاءِ پوليس هر وقت تيار آهي. ان موقعي تي آءِ جي پي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد بنوں ۽ لڪي مروت پوليس جي بهادري تي کين شاباش ڏني.

