آئيني بحران وڌي ويو: جسٽس شمس محمود مرزا به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

HomeFeatured Newsآئيني بحران وڌي...

لاهور (ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفائن کانپوءِ هاڻ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس شمس محمود مرزا پنهنجي استعيفيٰ صدرِ مملڪت ڏانهن اماڻي ڇڏي ۽ بنا ڪنهن پروٽوڪول جي پنهنجو چيمبر خالي ڪري واپس روانو ٿي ويو. هو 22 مارچ 2014 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊشنل جج طور حلف کنيو هو ۽ 2028 ۾ رٽائر ٿيڻا هئا. هو سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ضياء محمود مرزا جا فرزند آهن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي جو به حصو هئا.

ذريعن موجب، جسٽس مرزا جي بدلي 27هين آئيني ترميم کانپوءِ متوقع هئي، جيڪا عدليه جي جوڙجڪ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. ان ترميم تي عدليه جي آزادي بابت سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته 27هين ترميم عدليه کي حڪومت جي تابع بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪا آئيني جمهوريت جي روح تي سخت وار آهي. هن چيو ته “اها ترميم عدليه جي آزادي کي لتاڙي رهي آهي، ۽ مان اهڙي نظام جو حصو نه ٿي سگهان جيڪو ان اداري جي بيخ ڪني ڪري، جنهن جي تحفظ جو مون حلف کنيو هو.”

ساڳي ريت، جسٽس اطهر من الله به پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته “جنهن آئيني نظام جي تحفظ جو حلف کنيو هو، اهو هاڻ باقي نه رهيو آهي.” هن چيو ته هو پنهنجي ضمير جي آواز تي لبڪيندي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.

اهي استعيفائون ملڪ جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ آڻي رهيون آهن، جتي عدليه جي آزادي بابت بحث شدت اختيار ڪري ويو آهي. قانوني حلقن ۾ ان صورتحال کي انتهائي ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو پيو وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي آمريڪا کي نئين...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});