جمبور، گجرات (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي رياست گجرات ۾ جمبور نالي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ئي هر ماڻهو کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته هو ڀارت نه، پر افريقا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي ويو آهي. ان ڳوٺ جي 80 سيڪڙو آبادي افريقي نسل جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي نائيجيريا، ڪينيا، ۽ گهانا جهڙن ملڪن مان روزگار جي تلاش ۾ آيا ۽ مستقل طور ڀارت ۾ آباد ٿي ويا.
جمبور جي افريقي ڄاوي رهواسي هاڻ هندي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڳالهائين ٿا، مقامي هوٽلن تي چانهه پيئڻ، پان ۽ گٽڪو کائڻ، ۽ روايتي ڀارتي لباس پائڻ انهن جي روزمره جي زندگي جو حصو بڻجي چڪو آهي. انهن جي رهڻي ڪهڻي ڀارتي انداز ۾ اهڙي ته رچي وئي آهي جو ڏسندڙن کي حيرت ٿي وڃي ٿي.
جمبور جي خاصيتون:
- جمبور گِر نئشنل پارڪ جي ويجهو واقع آهي.
- هتي رهندڙ سِدِّي قبيلي جا ماڻهو افريقي نسل جا آهن، جن جي تاريخ عرب، پرتگالي ۽ برطانوي دور سان جڙيل آهي.
- سندن روزگار جا ذريعا ڪپڙن، موبائل پارٽس، اليڪٽرانڪس جي واپار سان گڏ ڊائمنڊ پالش جو ڪم به شامل آهي.
- جمبور ڀارت جي ثقافتي رنگيني ۽ نسلي ميل جول جي هڪ نرالي مثال آهي، جتي افريقي ورثو ۽ ڀارتي طرزِ زندگي هڪ ٻئي ۾ رچي ملي ويا آهن.
هي ڳوٺ عالمي سطح تي ثقافتن جي ميل جول جو زنده مثال پڻ آهي.

