بيمارين کان بچڻ جو طريقو اوهانجي پنهنجي هٿن ۾ آهي: عالمي ماهر

Homeخبرونبيمارين کان بچڻ...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جسماني صفائي لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿ ئي بيمارين جي منتقلي جو وڏو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن سان جسم جي حساس حصن کي بار بار ڇهيو وڃي. صفائي جي اهميت هر مذهب ۽ مهذب سماج ۾ تسليم ٿيل آهي، خاص طور تي اسلام ۾ صفائي کي “نصف ايمان” قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو ان جي روحاني ۽ جسماني افاديت کي اجاگر ڪري ٿو.

امريڪي رياست ڪينساس جي روڪس ڪنٽري هيلٿ سينٽر ۾ فيملي ميڊيسن جي ماهر ڊاڪٽر بيتھ اولر موجب، انسان جا هٿ روزانو دروازن جي هينڊل، موبائل فون، ڪرنسي نوٽ، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ ۽ ٻين عام شين سان واسطو رکن ٿا، جن تي بي شمار جراثيم موجود هوندا آهن. اهي جراثيم جڏهن جسم جي نازڪ حصن جهڙوڪ اک، نڪ، وات، ڪن، ناف، زخم يا چمڙي کي ڇهن ٿا ته بيماريون جنم وٺن ٿيون.

حساس جسماني حصا ۽ انهن سان لاڳاپيل خطرا

  • اک: نرم بافتن ذريعي وائرس، مٽي يا ذرات داخل ٿي سگهن ٿا، جيڪي ڪارنيا کي زخمي ڪري سگهن ٿا.
  • ڪن: آڱر يا ڪپڙي سان صفائي ڪرڻ سان انفڪشن، خارش ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي.
  • نڪ: جراثيم اندر داخل ٿي مائڪرو بائوم جو توازن بگاڙي سگهن ٿا، نتيجي ۾ دمہ، نزلہ ۽ سانس جي بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
  • وات: فلو، زڪام، کووِڊ جهڙا وائرس وات جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿين ٿا، جيڪي دل، دانت، دماغ ۽ نظامِ تنفس تي اثرانداز ٿين ٿا.
  • چهرو: بار بار هٿ لڳائڻ سان مهاسا، سوزش ۽ جلد جي بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
  • نائي: تحقيق موجب، نائي ۾ 67 قسم جا بئڪٽيريا موجود هوندا آهن، جن سان ڇيڙڇاڙ خطرناڪ انفڪشن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
  • زخم يا ڪٽ: کليل زخم جراثيم جي داخلا جو آسان رستو بڻجي سگهن ٿا، جنهن سان انفڪشن، داغ ۽ زخم جي دير سان ڀرڻ جا خطرا وڌن ٿا.
  • نُهن: نُهن جي هيٺان جراثيم جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، خاص طور تي ڊگها يا مصنوعي ناخن صفائي باوجود جراثيم سان ڀريل رهندا آهن.
  • ڪُلهو: بيت الخلا جي استعمال کان پوءِ هٿ نه ڌوئڻ سان جراثيم هٿن تي منتقل ٿي بيماري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

ماهرن جون تجويزون

  • هٿن کي باقاعدي صابن سان ڌوئڻ يا سينيٽائزر استعمال ڪرڻ.
  • جسم جي نازڪ حصن کي غير ضروري طور تي نه ڇهڻ.
  • نُهن کي صاف ۽ مختصر رکڻ.
  • زخم کي محفوظ رکڻ ۽ بار بار نه ڇهڻ.
  • صفائي کي شعوري طور تي اپنائڻ.

ماهرن جو چوڻ آهي ته صفائي صرف ظاهري نه، پر شعوري عمل هجڻ گهرجي. جيڪڏهن هٿن جي استعمال ۾ احتياط ڪئي وڃي ته ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. جسم جي نازڪ حصن سان غير ضروري ڇيڙڇاڙ نه صرف بيمارين جو سبب بڻجي ٿي، پر جسم جي فطري توازن کي به متاثر ڪري ٿي. ان ڪري، صحت جي حفاظت لاءِ هٿن جي صفائي ۽ محتاط استعمال انتهائي ضروري آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});