ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نارٿ ناظم آباد جي ڪوثر نيازي ڪالوني ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 18 ورهين جو نوجوان زخمي ٿي پيو. ڇيپا ذريعن موجب، فائرنگ جو واقعو علائقي ۾ ٿيل جهيڙي دوران پيش آيو.
زخمي نوجوان، جنهن جي سڃاڻپ سمير طور ڪئي وئي آهي، کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي سببن بابت تحقيقات جاري آهي ۽ جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

