ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي طرفان برطانوي دور ۾ تعمير ٿيل ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مسافرن لاءِ جديد سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف اڄ اسٽيشن جي نئين سهولتن جو جائزو وٺندو ۽ اپ گريڊ ٿيل شاليمار ايڪسپريس ٽرين جو افتتاح ڪندو.
اپ گريڊ منصوبي تحت اسٽيشن تي 2 جديد وي آئي پي لائونج، 3 انتظارگاهون، ايگزيڪيوٽو واش روم، 4 ايسڪيليٽر، انفارميشن ڊيسڪ، فوري ٽڪيٽ لاءِ پي او ۽ اي ٽي ايم مشينون لڳايون ويون آهن. مسافر ڪيو آر ڪوڊ ذريعي شڪايتون به درج ڪرائي سگهن ٿا، جيڪي سڌو وزارت ريلوي ۽ هيڊڪوارٽر تائين پهچنديون.
صفائي لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ بورڊ سان معاهدو ڪيو ويو آهي، جنهن جو عملي 24 ڪلاڪ اسٽيشن ۽ ٽريڪ صاف رکندو. اسٽيشن کي خوبصورت رکڻ لاءِ اسٽينڊرڊ ماڊل اسٽالز ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ اعلان سسٽم به لڳايو ويو آهي.
شاليمار ايڪسپريس جي مڪمل رِيڪ کي نئين سر تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لائيو ڪچن، فري وائي فائي، جديد ڊائننگ ڪار ۽ تربيت يافته عملي جي سهولت موجود آهي. وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي، جيڪو گذريل ٻن ڏينهن کان ڪراچي جي دوري تي آهي، اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو جائزو ورتو ۽ چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد دور جي گهرجن موجب اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن مسافرن کي بهترين سهولتون ملي سگهن.

