لوالابا، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف کانگو – آفريڪي ملڪ کانگو جي صوبي لوالابا ۾ تانبي جي کاڻ ۾ المناڪ حادثو پيش آيو، جتي پل ڌٻجڻ سبب 43 غير قانوني مزدور مٽي هيٺان اچي فوت ٿي ويا.
قطري خبر ايجنسي موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن عارضي پل تي وڌيڪ وزن سبب اهو پل ٽٽي پيو. گهرو وزير تصديق ڪئي ته 43 لاشون ڪڍيون ويون آهن، جڏهن ته ڳولا جو عمل جاري آهي.
امدادي ٽيمون سخت برسات ۽ زميني سلائيڊنگ جي خطري سبب متاثر هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن. خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته فوتگين جو انگ وڌي سگهي ٿو.
اختيارين موجب، حادثي جو سبب غير قانوني طور تي کان ۾ داخل ٿيندڙ مزدور هئا، جيڪي خطرناڪ علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. ڊوبيل حصي تي عارضي پل ٺاهيو ويو هو، جيڪو وڌيڪ ماڻهن جي اچ وڃ سبب ٽٽي پيو ۽ هي سانحو پيش آيو.

