ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ( ميڪسيڪو ۾ نوجوانن جي نمائندگي ڪندڙ گروپ “جنريشن” طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ ڏوهن ۽ ڪرپشن خلاف تيز احتجاج جاري آهي، جنهن دوران مظاهرين صدر جي رهائشگاهه نيشنل پيلس جي حفاظتي ديوار ڊاهي ڇڏي.
رائٽرز جي رپورٽ موجب، هزارين مظاهرين ميئر ڪارلوس مانزو جي قتل کانپوءِ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. مظاهرين صدر ڪلائوڊياشينبائو جي رهائشگاهه جي چوڌاري لڳايل حفاظتي ديوار کي ڊاهي ڇڏيو، جنهن سبب پوليس سان سخت جهڙپون ٿيون. پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسو گيس جو استعمال ڪيو.
پبلڪ سيفٽي سيڪريٽري پابلو ويوزڪوئيز موجب، جهڙپن ۾ 100 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان 40 کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 20 عام شهري به زخمي ٿيا. پوليس 20 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ۽ وڌيڪ 20 کي قانوني خلاف ورزي جو مرتڪب قرار ڏنو ويو.
مظاهرين پاران “مورينا کي هٽايو” جا نعرا لڳايا ويا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن الزام لڳايو ته ميئر ڪارلوس مانزو جو قتل حڪومت جي سازش هو. ميئر کي 1 نومبر تي اوروپان شهر ۾ روايتي تقريب دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو.
جنريشن زي گروپ، جيڪو 1997 کان 2012 جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ نوجوانن تي مشتمل آهي، سوشل ميڊيا تي جاري منشور ۾ دعويٰ ڪئي ته هو غير جانبدار گروپ آهي، جيڪو ميڪسيڪو جي نوجوانن جي آواز بڻجي جرائم، ڪرپشن ۽ طاقت جي غلط استعمال خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا جاري آهن، خاص طور تي مغربي رياست ميچاؤڪين ۾، جتي ميئر جي قتل تي شديد غم ۽ غصو ڏسڻ ۾ آيو.


