اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نٽيلي اي بيڪر چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، ان کي ڪنهن به ملڪ جي قرضن ۾ نه ڦاسڻ گهرجي. پاڪستان کي پنهنجي نجڪاري پروگرام تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اقتصادي حڪمت عملي ڪامياب ٿي سگهي.
ايوان صدر ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران نٽيلي بيڪر چيو ته آءِ ايم ايف جي اصلاحاتي پروگرام تي عمل سان پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ورلڊ بينڪ به پاڪستان سان مؤثر تعاون ڪري رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته هو پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن جو دورو ڪري چڪي آهي، پر آزاد ڪشمير وڃڻ جي خواهش رکي ٿي. آمريڪا پاڪستان جي خودمختياري کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ دل سان مدد ڪري رهيو آهي.
چين سان پاڪستان جي ويجهن لاڳاپن بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا رکڻ جو حق رکي ٿو، پر ان کي پنهنجي معاشي مفادن ۽ خودمختياري جو تحفظ محتاط انداز ۾ ڪرڻ گهرجي. اهڙو ڪو به منصوبو، جيڪو قرضن جي جال جو سبب بڻجي، عالمي سطح تي ڳڻتي جو باعث آهي.
نٽيلي بيڪر ٻڌايو ته واشنگٽن کي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي حساس نوعيت جو مڪمل ادراڪ آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان جي دوري بابت هن چيو ته جيئن ئي عالمي ذميوارين مان وقت ملي، دورو جلد متوقع آهي. صدر ٽرمپ امن جا داعي آهن ۽ پاڪستان طرفان نوبل انعام لاءِ سندن نالو تجويز ڪرڻ مناسب قدم آهي.
هو اردن جي بادشاهه عبدالله ثاني کي صدر آصف علي زرداري طرفان “نشانِ پاڪستان” اعزاز ڏيڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي. صحافين سان ڳالهائيندي هن آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي، ٻٽي ووٽ جي عمل ۽ طريقيڪار بابت به سوال ڪيا.

