اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت افغانستان سان سرحدون غير معينه مدت لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي سلامتي کي ترجيح ڏيڻ آهي. ذريعن موجب، فيصلو طالبان طرفان افغان واپارين کي پاڪستان تي انحصار ختم ڪرڻ جي وارننگ کانپوءِ ڪيو ويو.
حڪومتي آفيسرن موجب، اسلام آباد طرفان ڪابل کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته جيستائين پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف مؤثر ڪارروائي نه ڪئي ويندي، واپار ۽ ٻين سرگرمين لاءِ سرحدون نه کوليون وينديون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هي بندش عام انتظامي قدم نه، پر پاليسي ۾ اسٽريٽجڪ تبديلي آهي. افغان طالبان قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپن خلاف قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڳالهين جو عمل به ممڪن نه هوندو.
هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته “سلامتي پهرين، واپار پوءِ” هاڻ پاڪستان جو نئون موقف آهي. سرحد بند ٿيڻ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، جنهن سبب ٻنهي پاسن تي هزارين ٽرڪ ۽ ڪنٽينر اٽڪيل آهن. هن وقت سرحدي رستا صرف انساني بنيادن تي کليل آهن، جيڪي افغان مهاجرن ۽ ڦاٿل ماڻهن جي واپسي تائين محدود آهن.
حڪومت جو موقف آهي ته واپار ۽ معيشت کان وڌيڪ اهم پنهنجي ماڻهن جي زندگي آهي، جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجھوتو نه ڪيو ويندو.

