ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ لڳي آهي، جنهن سبب درجه حرارت ۾ گھڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر موجب، ايندڙ ڏينهن ۾ سياري جي شدت وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.
- اڱاري ۽ اربع تي شهر جو گهٽ ۾ گهٽ پارو 14 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي
- وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 30 ڊگري تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو
- شهر تي اتر اوڀر (ٿرپارڪر) جي هوائون اثرانداز ٿي سگهن ٿيون
صبح جي وقت هلڪي ڪوھيڙي سبب حد نگاه متاثر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته صوبي جي ميداني علائقن ۾ به ڪوھيڙو ڇانئجڻ جي اميد آهي.
اڄ صبح مٺي ۾ سڀ کان گهٽ پارو 8 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو سياري جي شدت جو واضح اشارو آهي.

