ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ غير قانوني تارڪين وطن جي واڌ سان سلامتي جا خطرا ۽ معاشي دٻاءُ وڌي رهيا آهن، جنهن سبب پاڪستان جي موقف کي هاڻ عالمي سطح تي تائيد ملڻ لڳي آهي.
برطانيا ۾ به پناهگير مسئلو بڻجي ويا
برطانوي اخبار دي گارڊين جي رپورٽ موجب، برطانيا ۾ پناهه گزينن جو نظام قابو کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جيڪو ملڪ جي سماجي ڍانچي کي ورهائي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته:
- پناهه گزينن کي هاڻ مستقل رهائش بدران عارضي حيثيت ڏني ويندي
- هر 2 يا 2.5 سال بعد نئين درخواست ڏيڻ لازمي هوندي
- غير قانوني طريقي سان آيل ماڻهن کي 20 سال تائين مستقل رهائش لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو
- اهي برادريءَ تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ خدمتن کي متاثر ڪري رهيا آهن
برطانوي گھرو وزير جو سخت موقف
برطانوي گھرو وزير خبردار ڪيو آهي ته:
- غير قانوني هجرت ملڪ کي ورهائي رهي آهي
- تارڪين وطن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن
- نظام جو غلط استعمال ڪري سزا کان بچي رهيا آهن
- رهائش ۽ مالي مدد کي اختياري بڻايو پيو وڃي
- نظام ۾ انصاف واپس آڻڻ ۽ غير قانوني هجرت تي ڪنٽرول ڪرڻ سندن اولين ترجيح آهي
هن ان کي جديد دور جي سڀ کان جامع اصلاحات قرار ڏنو.
پاڪستان جو موقف ۽ افغاني مھاجر
پاڪستان ۾ به غير قانوني افغان پناھگيرن جي موجودگي دهشتگردي، اسمگلنگ ۽ ٻين جرمن سان ڳنڍيل آهي. ملڪي سلامتي جي پيش نظر افغان شهرين جي واپسي جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي.

