پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ روس جي علائقي چيچنيا سان تعلق رکندڙ شهري محمود گليگوف جي گمشدگي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت مختصر حڪم نامو جاري ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته محمود گليگوف اي ويزا تي پاڪستان آيو هو ۽ پشاور مان اچانڪ گم ٿي ويو. عدالت حڪم ڏنو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 14 ڏينهن اندر پنهنجن ماتحت ادارن جي رپورٽ سميت تفصيل پيش ڪن.
عدالت ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ٻنهي حڪومتن جي قانوني آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. روسي شهري جي گمشدگي جو معاملو حساس نوعيت اختيار ڪري ويو آهي، جتي هڪ غير ملڪي مهمان جي اچانڪ گم ٿيڻ تي قانوني ۽ سفارتي سطح تي سوال اٿڻ لڳا آهن.

