ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي نيوز چينل جي ناليواري اينڪر شاهزيب خانزادہ سان سندس زال سان گڏ هڪ شاپنگ مال ۾ بدتميزي جو واقعو پيش آيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي۔
وڊيو ۾ هڪ شخص شاهزيب خانزادہ کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندن زال بشريٰ بي بي بابت رپورٽنگ تي شرمندگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهيو آهي. وڊيو دوران شاهزيب خانزادہ ۽ سندن زال خاموشي ۽ تحمل سان صورتحال کي منهن ڏين ٿا، ۽ ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر نٿا ڪن.
وڊيو ۾ الزامن جي وضاحت نه ڪئي وئي، پر پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شهباز گل شاهزيب خانزادہ جي پراڻي پروگرام جو ڪلپ شيئر ڪندي چيو ته صحافي بشريٰ بي بي جي عدت واري ڪيس تي ڳالهه ڪئي هئي، ۽ ان کي “گندگي” قرار ڏنو. شهباز گل جو موقف هو ته جيڪڏهن ميڊيا ان وقت مذمت ڪري ها ته اڄ جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها.
ٻئي طرف، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ واقعي جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته صحافين ۽ سندن خاندانن کي نشانو بڻائڻ، نالا ۽ پتا سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪري قتل جي ڌمڪيون ڏيڻ جهڙو عمل ناقابل قبول آهي. هن شاهزيب خانزادہ سان پيش آيل واقعي کي “انتھائي مذمت جوڳو” قرار ڏيندي چيو ته رياست ان شخص کي ٽريس ڪري جوابده بڻائيندي.
هي واقعو صحافين جي تحفظ، آزاديءِ اظهار ۽ سياسي رواداري بابت نئين بحث کي جنم ڏئي چڪو آهي، جتي صحافتي راءِ تي ذاتي حملن ۽ هراسان ڪندڙ روين جي مذمت ڪئي پئي وڃي.

