اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل هڪ گرفتار خارجی دهشتگرد احسان الله ولد عبدالجنان، قوم محسود، پاران دهشتگردي، بداخلاقي ۽ مذهبي ورغلاءُ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، جن پاڪستاني نوجوانن جي تحفظ ۽ ذهني تربيت بابت ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي۔
احسان الله اعتراف ڪيو ته هو ڪمانڊر بدري، مشتاق، گرنيڊ ۽ اسلام الدين لاءِ ٽن سالن تائين سهولتڪاري ڪندو رهيو، ۽ انهن سان گڏ بڪتر بند گاڏي ۽ تتور پوليس اسٽيشن تي حملن سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ حصو ورتو۔
هن ٻڌايو ته فتنہ الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي، انهن جي ذهني تربيت ڪري، پاڪ فوج خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن۔ احسان الله انڪشاف ڪيو ته ڪيترائي خوارجي ڪمانڊر ذاتي مفادن لاءِ نوجوانن کي بدڪاري جهڙن گناهن ڏانهن ڌڪيندا هئا، ۽ ساٿين سان بداخلاقي به ڪندا هئا۔
احسان الله چيو ته خوارجن ڪوڙ ڳالهائي ته پاڪ فوج ڪافر آهي، پر حقيقت ۾ خوارج پاڻ ڪافر ۽ مرتد آهن۔ هن چيو ته جڏهن هن پاڪ فوج جي جوانن کي پنج وقت نماز پڙهندي ڏٺو، ته کيس اصل حقيقتن جو احساس ٿيو۔ هن چيو ته هو پاڻ به نماز ۽ ڪلمو سکيو، جيڪي اڳ کيس نه ايندا هئا۔
احسان الله نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو دهشتگردن جي ورغلاءُ کان بچي پاڪ فوج جو ساٿ ڏين، ته جيئن ملڪ مان فتنہ الخوارج جهڙن دهشتگرد عنصرن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي۔
سڪيورٽي فورسز طرفان مذهب جي نالي تي دهشت، نفرت ۽ انتشار پکيڙيندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ۽ ملڪ مان فتنہ الخوارج جي پاڪ صفائي لاءِ پرعزم آهن۔

