ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ريپر طلحہ انجم نيپال ۾ ٿيل ڪنسرٽ دوران ڀارتي جهنڊو هٿ ۾ کڻڻ تي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي واضح ڪيو آهي ته سندس عمل جو مقصد ڪنهن سياسي موقف جي حمايت يا مخالفت نه هو، بلڪه فن جي ذريعي سرحدن کان اڳتي وڌندڙ اتحاد جو اظهار هو.
طلحہ انجم چيو ته فنڪار جو ڪم ماڻهن کي ورهائڻ نه، پر جوڙڻ هوندو آهي، ۽ هو پنهنجي فن ۾ هميشه اهو اصول برقرار رکندو. هن چيو:
“منهنجي دل ۾ نفرت لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ۽ منهنجي فن جي ڪا سرحد ناهي.”
طلحہ انجم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارتي جهنڊو کڻڻ سان تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته ٿئي، هو ٻيهر به اهڙو عمل ڪندو، ميڊيا جي پرواهه کانسواءِ، ڇو ته اردو ريپ هميشه بيباڪ رهيو آهي.
هن ميڊيا تي الزام لڳايو ته هن واقعي کي غير ضروري طور تي وڌايو ويو، ۽ چيو ته هو شور ۽ تڪرار بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.
طلحہ جو بيان فن، اظهار جي آزادي ۽ سياسي حساسيت جي وچ ۾ توازن بابت نئين بحث کي جنم ڏئي چڪو آهي.

