شاليمار ايڪسپريس جي نئين روپ ۾ واپسي — وزيراعظم پاران اپگريڊ ٿيل ٽرين ۽ ڪينٽ اسٽيشن جو افتتاح

Homeاهم خبرشاليمار ايڪسپريس جي...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي اپگريڊ ٿيل شاليمار ايڪسپريس جو افتتاح ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي هاڻ جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي مسافرن لاءِ فرسٽ ڪلاس ۽ اڪانومي ڪلاس جون سهولتون ساراھ جوڳيون بڻايون ويون آهن.

افتتاحي تقريب دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪينٽ اسٽيشن جي تزئين و آرائش شاندار طريقي سان ڪئي وئي آهي، جتي انتظار گاهه، ڊائينگ روم ۽ خودڪار ٽڪيٽ سسٽم جهڙيون جديد سهولتون موجود آهن. هن شاليمار ايڪسپريس کي مڪمل طور نئين ٽرين قرار ڏيندي وزير ريلوي حنيف عباسي کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.

شهباز شريف چيو ته ڪراچي جو ريلوي نظام پراڻو ٿي چڪو هو، پر هاڻ ان جي بحالي سان شهر جي روشني ٻيهر واپس آندي پئي وڃي. هن زور ڏنو ته وسط ايشيا تائين ريلوي روٽ بحال ڪرڻ سان ملڪ جي معيشت کي نئون رخ ملي سگهي ٿو.

وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ريلوي صوبن سان شراڪتداري وسيلي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ۽ بلوچستان، خيبرپختونخوا سميت سمورن علائقن ۾ پارٽنرشپ جو دائرو وڌايو ويندو. فريٽ سسٽم کي به منظم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

وزيراعظم خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي لائن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي منصوبو شهر واسين لاءِ انتهائي ضروري آهي، ۽ ملڪ جي ٻين اسٽيشنن تي به جديد سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.

وزير ريلوي حنيف عباسي

حنيف عباسي چيو ته ڪينٽ اسٽيشن جي اپگريڊشن مختصر وقت ۾ مڪمل ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل 8 مهينن دوران ريلوي ۾ اهم سڌارا آندا ويا. هن ٻڌايو ته 150 سالن بعد روهڙي جنڪشن کي به اپگريڊ ڪرڻ جو منصوبو تيار آهي، ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ سان آؤٽ سورسنگ جو عمل جاري رهندو.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب ۾ شرڪت تي وزيراعظم ۽ وزير ريلوي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ريلوي جي ترقي لاءِ وفاق سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي واسين لاءِ اليڪٽرڪ بسون آڻڻ سميت ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});