ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 32 حياتيون ضايع، 2 هزار 193 نوان ڪيس ظاهر

Homeاهم خبرملڪ ۾ ڪرونا...

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 32 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ هڪ هزار 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 هزار 193 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 48 هزار 91 تائين پهچي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 2 هزار 193 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 32 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.

ملڪ ۾ 32 هزار 919 مريض هن وقت به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 14 هزار 155 صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ هن وقت تائين 316 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 18 هزار 964 آهي.

پنجاب ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 17 هزار 382 آهي، جڏهن ته 297 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ 351 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مريضن جو انگ 6 هزار 815 آهي.

بلوچستان ۾ ڪرونا وائرس 38 حياتيون ڳڙڪائي چڪو ۽ مريضن جو انگ 2 هزار 968 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 ڄڻا فوت ٿيڻ سميت مريضن جو انگ هڪ هزار 235 آهي.

گلگت بلتستان ۾ 4 حياتيون ضايع ٿيون ۽ 579 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 149 مريض سامهون اچي چڪا آهن ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا وار جاري آهن، متاثرن جو انگ 50 لک 89 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته 3 لک 29 هزار 729 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

دنيا ۾ 27 لک 35 هزار 998 مريض هن مهل به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان 45 هزار 799 جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 22 لک 24 هزار 208 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين ۽ متاثرن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، جتي 94 هزار 941 ماڻهو فوت ۽ 15 لک 93 هزار 39 متاثر ٿي چڪا آهن.

ڪورونا وائرس وگهي روس ۾ 2 هزار 972 ماڻهو فوت ۽ 3 لک 8 هزار 705 متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته برازيل ۾ 18 هزار 894 حياتيون ضايع ٿي چڪيون ۽ 2 لک 93 هزار 357 متاثر آهن.

اسپين ۾ ڪرونا وائرس جا 2 لک 79 هزار 524 ڪيسز سامهون آيا آهن، جڏهن ته هيل تائين 27 هزار 888 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

برطانيا ۾ ڪرونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 35 هزار 704 ٿي ويو آهي، اٽلي ۾ 32 هزار 330، فرانس ۾ 28 هزار 132، جرمني ۾ 8 هزار 270، ترڪي ۾ 4 هزار 222، ايران ۾ 7 هزار 183 ۽ ڀارت ۾ 3 هزار 435 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزي...

گڏاپ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر...

ڪرونا جون استعمال ٿيل ڪٽون اڇلائي رھيا ھئا ته علائقي  واسين ڏسي ورتو، ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد استعمال ٿيل...

پيرڳوٺ ۾ ڪرونا وائرس ڪيسن...

پيرجوڳوٺ(سنڌ نيوز آن لائن ) پيرڳوٺ ۾ ڪرونا وائرس ڪيسن جو انگ 291 ٿيڻ بعد شهر ۾ خوف جو...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});