مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ وزارتِ عظميٰ جو حلف کڻي ورتو۔ حلف برداري جي تقريب ۾ اسپيڪر آزاد ڪشمير اسيمبلي چوڌري لطيف اڪبر، راجا فيصل راٺور کان حلف ورتو۔
تقريب ۾ گورنر گلگت بلتستان مهدي شاهه، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، اسيمبلي ميمبرن، اعليٰ سول قيادت ۽ عسڪري عملدار پڻ موجود هئا۔
وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪشمير جي عوام سان نمائندن جو رشتو ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ذميواري هن وقت منهنجي ڪلهن تي آهي۔ هن پاڪستان آرمي ۽ مقامي ڪمانڊ کي ڀيٽا پيش ڪئي، جيڪي پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي دفاع ڪري رهيا آهن۔
راجا فيصل راٺوڙ چيو ته هو آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري ۽ چوڌري رياض جو شڪرگذار آهي، جن کيس هن منصب جي ذميواري ڏني۔
پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عالمي سطح تي ڪشميرين جي آزاديءَ جي تحريڪ جي ترجماني ڪئي۔ جڏهن هڪ آمر ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو، تڏهن ڪشمير جي عوام نه رڳو مظفرآباد پر سري نگر ۾ به احتجاج ڪيو هو۔

