اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي انٽرا پارٽي چونڊن کي تسليم ڪري ورتو آهي۔
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، پارٽي جي انٽرا پارٽي چونڊن جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن مطابق، غنويٰ ڀٽو پارٽي جي چيئرپرسن، موسيٰ سعيد وائس چيئرمين ۽ ڊاڪٽر غلام حسين پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيا آهن۔

