سنڌ سرڪار طرفان قومي مالياتي ڪميشن جا ٽي او آرز رد، وڏي وزير پاران عيد سادگي سان ملهائڻ جو اعلان

Homeاهم خبرسنڌ سرڪار طرفان...

ڪراچي (سنڌ نيوز آن لائن) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي آڊيٽوريم  ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون عيد جو ڏهاڙو فرنٽ لائين ورڪرز ڊاڪٽرز، نرسز، پيراميڊيڪل اسٽاف، پوليس، رينجرز سميت ٻين ڪم ڪندڙن جي نانءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪورونا خلاف وڙهندي اسان جي صحت جي شعبي جا 364 ماڻهو متاثر ٿيا جنهن مان 27 صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 7 ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو، ڊاڪٽر عبدالحق، ڊاڪٽر زبيده سراج، ڊاڪٽر فرقان الحق، ڊاڪٽر انصار ابراهيم، ڊاڪٽر ايم بشير قاسم ۽ ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي شهيد ٿيا آهن ۽ پوليس جا 274 جوان ڪورونا سان متاثر ٿيا آهن ۽ انهن مان 59 صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 5 پوليس جا اهلڪار، حنيف احمد، اي ايس آئي انيس احمد، اي ايس آئي محمد انور، اي ايس آئي شير گل خان ۽ هيڊ ڪانسٽيبل عبدالعزيز پڻ شهيد ٿيا آهن. 26 فيبروري کانپوءِ ميڊيا ماڻهن تائين ڄاڻ ۽ آگاهي پهچائي جنهن لاءِ آئون انهن کي به خراج تحسين پريش ڪريان ٿو. وڏي وزير چيو ته عيد خوشي جو موقعو آهي پر موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي عيد سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪريان ٿو. وڏي وزير ڪورونا جي وبا ۽ غريبن سان يڪجهتي لاءِ عيد سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن وزيرعظم کي به گذارش ڪئي ته هو قومي سطح تي عيد سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري. وڏي وزير ڪورونا جي وبا ۽ غريبن سان يڪجهتي لاءِ عيد سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسان صحت جي شعبي ۾ هڪ قدم اڳيان وڃڻ چاهيون ٿا، ٻارن ۽ بزرگن کي محفوظ رکو. هن چيو ته مون تي الزام آهي ته آئون سياست ڪريان پيو، ها آئون ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سياست ڪريان ٿو. وڏي وزير چيو ته اسان پرائيويٽ سيڪٽر جي ڊاڪٽرن کي به ساڳيو پيڪيج ڏئي رهيا آهيون جيڪو سرڪاري ڊاڪٽرن لاءِ اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير سنڌ جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن لاڪ ڊائون ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو. وڏي وزير چيو ته هڪ ته اسان تي الزام آهي ته اسان لاڪ ڊائون ڪيو ۽ وري ٻيو بيان ايندو آهي ته اسان وقت تي ڀرپور قدم کنيا. وڏي وزير چيو ته اسان بلاول ڀٽو جي هدايت تي ڪيترائي درست فيصلا ڪيا آهن، پاڪستان ۾ مسئلا آهن، پر اهي پهريان ئي موجود هئا، وزيراعظم کي اين ايف سي بابت هڪ خط لکيو آهي ته سي سي آئي اجلاس آئين تحت هر 90 ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي پر جڏهن کان عمران خان وزيراعظم ٺهيو آهي ته فقط هڪ اجلاس ٿيو آهي . اين سي سي جا سال ۾ ٻه اجلاس ٿيندا آهن.

سوالن ۽ جوابن جو سلسلو:

وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لڳي نٿو ته وزيراعظم ڪو غير قانوني ڪم ڪندو، ارسا جي قانون ۾ ڪنهن ميمبر کي نٿو هٽائي سگهجي، ميمبر کي هٽائڻ کان اڳ اسان سان مشاورت ڪرڻي آهي، ٽرين وفاقي سبجيڪٽ آهي پر جيڪڏهن اهي ٽرين هلائين ٿا ته آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته 200 ارب رپيا اسان کي گهٽ مليا آهن، هيلٿ سيڪٽر ۾ اسان خاص ڌيان ڏينداسين باقي شعبن کي پوئتي رکنداسين. هن چيو ته منهنجو هڪ وزير اسپتال ۾ داخل آهي ۽ ان جي طبيعت خراب آهي الله پاڪ ان کي صحت ڏئي، اسان جي هڪ ايم پي اي به ڪورونا ۾ مبتلا آهي، آئون چوندو آهيان اوهان سماجي وٿيءَ رکو اهو اوهان لاءِ چڱو آهي ، حڪومت سنڌ جي ترجيح ڪورونا وائرس سان عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي، هيلٿ سيڪٽر ۾ اسان نوڪريون رکنداسين، وفاقي حڪومت مدد ڪئي آهي پر هڪ به وينٽي ليٽرز نه مليو آهي، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته جيلن ۾ ڪورونا وائرس پکڙجي رهيو آهي، اسان اهڙن قيدين کي آزاد ڪرڻ پئي چاهيو پر عدالت منع ڪيو، اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ ڊاڪٽرن سان گڏجي مشاورت سان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي گهڻو جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٽائيگر فورس بابت هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي جهلڻ حڪومت جو ڪم آهي جڏهن اوهين چئي رهيا آهيو ته ٻاهر نڪرو شاپنگ ڪريو ته پوءِ اهي ڪيئن روڪبا؟ ماڻهن کي  بچائڻ لاءِ مون بازارن جو وقت مقرر ڪيو آهي، اسان ماڻهن جي صحيح رهنمائي نه ڪري سگهياسين، احتياط ان ڪري نه ٿي جو ماڻهن عمل نه ڪيو، مسئلا سڄي پاڪستان ۾ آهن، ڪراچي ۾ به آهن اهي مسئلا پهرين کان آهن، هن وقت وڏو مسئلو هي آهي ته پنهنجي زندگيءَ بچائي وڃي، منهنجي ترجيح آهي ته ماڻهن جون زندگيون بچائڻيون آهن، حقيقت کي سڃاڻو، هن وقت ڪورونا تي ڌيان ڏيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪم تي سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ سٺي ڳالهه نه آهي. هڪ سوال ته سڀئي مارڪيٽون ۽ ڪاروبار وغيره کولڻ کانپوءِ صورتحال ڇا هوندي ته ان جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ان بابت ماهرن موجب 14 ڏينهن کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي. آئون انهيءَ ڪري چوان ٿو ته قومي سطح تي هڪ فيصلو هجڻ گهرجي، جهڙيون به احتياطي تبديرون هجن، هڪ جهڙيون هجن، نيشنل ڪوآرڊينيشين جو اجلاس ٿيندو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته قومي فيصلو هجڻ گهرجي، الزام هڪ وڏي فورم تي لڳايو ويندو آهي ته سنڌ زيادتي ڪري رهيو آهي اسان نه ريل گاڏيون هلائينداسين۽ نه ئي هوائي جهاز هلائينداسين پر وفاق اهو سڀ هلائي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي فيصلن سان ماڻهن جي حياتين تي اثر پوندو، صحت جا ماهر منهنجي بهتر رهنمائي ڪري سگهن ٿا، ايس او پيز تي عمل ڪرڻو آهي پر افسوس ته ايئن نه پيو ٿئي.

ڪورونا صورتحال: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ ڪورونا جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان 6003 ٽيسٽ ڪيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 960 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، گذريل ڏينهن 1017 ڪيس آيا هئا،  ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مونکي افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته وڌيڪ 20 مريض فوت ٿيا ويا، هيل تائين ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 336 ٿي ويو آهي، 143 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 33 مريض اڃان به وينٽيليٽرز تي آهن الله پاڪ انهن کي صحتياب ڪري، هن وقت 13263 مريض علاج هيٺ آهن، 11735 مريض گهرن ۾، 608 آئسوليشن مرڪزن ۾ آهن ۽ هن وقت 722 مريض صوبي جي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. اڄ 680 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا، صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6325 ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ 779 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن مان ضلعي اوڀر ڪراچي ۾ 233، ڏکڻ ۾ 169 ۽ مرڪز ۾ 137، اولهه ۾ 97، ڪورنگي ۾ 86 ۽ ملير ۾ 57 نوان ڪورونا مريض رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته شڪارپور ۾ 22، حيدرآباد ۾ 17، ۽ لاڙڪاڻي 14، سکر ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ 9-9، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ 7 وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا، سانگهڙ ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 3-3 جڏهن ته ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد ۾ 2-2 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، دادو، ڄامشورو، نوشهروفيروز ۽ سجاول ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});