ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امريڪا کان پوءِ هاڻي فرانسيسي ائير بيس جي ڪمانڊر ڪيپٽن يوڪ لوني به مئي 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي هوائي جنگ ۾ ڀارت جي شڪست جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي رات پاڪستاني فضائيه ڀارتي رافيل جهاز ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي۔
ڪيپٽن لوني وضاحت ڪئي ته خرابي رافيل طيارن ۾ نه پر انهن کي هلائيندڙ ڀارتي پائلٽن ۾ هئي۔ عالمي نمائندن جي موجودگي ۾ هن پاڪستاني فضائي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان صورتحال کي ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهڻو مؤثر انداز ۾ سنڀاليو۔
انڊو پيسفڪ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن ٻڌايو ته رافيل جهاز چين جي ٽيڪنالاجي سبب نه پر پاڪستان جي مضبوط دفاع ۽ حڪمتِ عملي جي ڪري تباهه ٿيا۔ هن وڌيڪ چيو ته جنگ ۾ 140 کان وڌيڪ جهاز شامل هئا، پر پاڪستاني پائلٽس بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري۔
فرانسيسي ڪمانڊر جي هن بيان کان پوءِ پاڪستان-ڀارت هوائي جنگ جو تجزيو عالمي سطح تي وڌيڪ توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جنهن مان مستقبل جي ملٽري حڪمتِ عملي لاءِ اهم سبق حاصل ٿي رهيا آهن۔

