کنڊ بحران: جهانگير ترين، مونس الاهي، اومني گروپ ۽ عمر شهريار ذميوار قرار، ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو فيصلو

Homeاهم خبرکنڊ بحران: جهانگير...

اسلام آباد (بيورو) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته ملڪي تاريخ جو اڄ اهم ڏينهن آهي، اڳ ۾ ڪنهن حڪومت جي ايڏي وڏي همت نه هئي ته اهڙي ڪميشن ٺاهي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا انڪوائري رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تاريخي ڏينهن تي اسان کي ساراهڻ گهرجي، اسان صحيح رُخ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگوليٽرز کي قرار ڏنو آهي، جن جي غفلت سبب کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ اگهه وڌيو.

سندس چوڻ هو ته ڪميشن ڪيس نيب، وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ڪابينا ريڪوري ڪري پئسو عوام کي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي ۽ وزيراعظم اها ذميواري مون کي سونپي آهي، عيد کانپوءِ وزيراعظم جي هدايتن تي سفارشون تيار ٿينديون، اڃا ڪنهن جو به نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو، ڪو جاچ ادارو چوندو ته ڪابينا نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي غور ڪندي.

شهزاد اڪبر موجب انڪوائري ڪميٽي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي آهي، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته شوگر ملز آبادگارن کي امدادي اگهه کان گهٽ پئسو ڏين ٿيون ۽ آبادگارن جي ڪمند جي وزن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، ڪچي پرچي ۽ ڪميشن ايجنٽ ذريعي گهٽ اگهه تي آبادگارن کان ڪمند ورتو ويندو آهي ۽ ان جي لاڳت وڌيڪ ڏيکاري ويندي آهي.

هن چيو ته 2019 ۾ ڪمند 140 رپين کان به گهٽ ۾ خريد ڪيو ويو ۽ شوگر ملون 15 کان 30 سيڪڙو تائين مقدار گهٽائي آبادگارن کي نقصان پهچائينديون رهيون، جڏهن ته کنڊ جي اگهه ۾ 33 سيڪڙو واڌ ٿي، 2018-2017 ۾ شوگر ملز کنڊ جي في ڪلو لاڳت 51 رپيا رکي، جڏهن ته ان عرصي ۾ في ڪلو لاڳت 38 رپيا هئي.

سندس چوڻ هو ته 2019-2018 ۾ اصل لاڳت ۾ ساڍا 12 رپيا في ڪلو فرق ظاهر ٿيو، جڏهن ته 20-2019 ۾ کنڊ جي في ڪلو لاڳت ۾ 16 رپين جو فرق ظاهر ٿيو، آبادگارن سان گڏجي ملز مالڪ اَن آفيشل بئنڪنگ به ڪندا رهيا آهن، وزيراعظم سدائين چوندو آهي ته ڪاروبار ڪندڙ سياست ۾ به ڪاروبار ڪندو، وزيراعظم جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي آهي.

خاص مددگار جو چوڻ هو ته کنڊ جي اگهه ۾ هڪ رپيو واڌ ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو ويندو آهي، پاڪستان جي برآمد ۽ افغانستان جي درآمد ڊيٽا ۾ فرق آيو آهي، هڪ ٽرڪ 15 کان 20 ٽن کڻي وڃي سگهي ٿي، هتي هڪ ٽرڪ تي 70 کان 80 ٽن کنڊ افغانستان وئي.

شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف فيملي جي ڪمپني ۾ ڊبل رپورٽنگ ثابت ٿي، 2018-2017 ۾ انهن 1.3 ارب رپيا واڌو ڪمايا، جڏهن ته 19-2018 ۾ انهن 78 ڪروڙ رپيا واڌو ڪمايا، جهانگير ترين جون شگر ملز ڊبل بلنگ، اوور انوائسنگ ۽ ڪارپوريٽ فراڊ ۾ ملوث نڪتيون آهن، خسرو بختيار جي ڀاءُ جي شگر مل آهي، ان جي پنهنجي ناهي، خسرو بختيار جي ڀاءُ وٽ ڪو سياسي عهدو ناهي، خسرو بختيار کي عهدو ڇڏڻ جو نٿا چئي سگهون، جيڪو سڌي ريت ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هن چيو ته فرانزڪ آڊٽ ۾ شارٽ لسٽ ڪيل ملز ۾ پهرين مل الائنس آهي، جيڪا ”آر واءِ ڪي“ گروپ جي ملڪيت آهي، آر واءِ ڪي گروپ ۾ مونس الاهي جا 34 سيڪڙو شيئرز آهن، وزيراعظم جو فيصلو آهي ته ڪميشن جي رپورٽ عوام سامهون رکي وڃي، وزيراعظم چيو آهي ته 9 کانپوءِ هاڻ باقي شوگر ملز جي به فرانزڪ ٿيڻ گهرجي، عمران خان عيد کانپوءِ سفارشون طلب ڪيون آهن، ان لاءِ مون کي ذميواري ڏني وئي آهي، اٽي جي مد ۾ ٽئي رپورٽون پي آءِ ڊي جي ويب سائيٽن تي موجود آهن.

سندس چوڻ هو ته دوائن جي معاملي ۾ انڪوائري مون کي سونپي وئي هئي، انڪوائري ڪري رهيو آهيان ته ڇا جن دوائن جي اجازت ڏني وئي، اهي درآمد ڪيون ويون. ان موقعي تي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته حڪومت جو منشور تبديلي آڻڻ ۽ مافيا کي بي نقصان ڪرڻ آهي، اڻ چونڊيل ڪابينا ميمبرن به پنهنجا اثاثا ڊڪليئر ڪندا، وزيراعظم اڻ چونڊيل صلاحڪارن ۽ مددگارن جا اثاثا به ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جهانگير ترين کنڊ بحران تي جوڙيل جاچ ڪميشن جي رپورٽ کي ڪوڙ ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو

حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کنڊ بحران تي جوڙيل جاچ ڪميشن جي رپورٽ کي ڪوڙ ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.

 جهانگير ترين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سڄو ٽيڪس ادا ڪندو آهيان ۽ پنهنجي مٿان لڳل سمورن الزامن جو جواب ڏئي پاڻ کي سچو ثابت ڪندس، آئون پنهنجا سمورا ٽيڪس ايمانداري سان ادا ڪندو آهيان مون تي واپار جي لاءِ  ٻن قسمن جا کاتا بڻائڻ جو الزام سراسر ڪوڙ آهي. سندس چوڻ هو ته سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته آئون پنهنجي هارين کي ڪمند جي پوري قيمت ڪندو آهيان. مون هميشه ديانتداري سان واپار ڪيو آهي. سڄو ٽيڪس ادا ڪندو آهيان ۽ سمورن الزامن جا جواب ڏيندس. ايف آءِ اي رپورٽ ۾ مون تي لڳل الزام ڪوڙا آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف...

لاهور (رپورٽر) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ڄاڻي واڻي لداخ ۾ اڏاوت جي شروعات ڪئي، جنهن...

کنڊ بحران جي رپورٽ تي...

اسلام آباد: کنڊ بحران بابت جاچ رپورٽ تي وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪري...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});