زيارت ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، 5 افغان شڪي دهشتگرد گرفتار

Homeاهم خبرزيارت ۾ دهشتگردي...

ڪوئٽا: زيارت ضلعي ۾ ليـويز فورس هڪ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن دوران 5 شڪي افغان دهشتگردن کي جيئرو گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق قندھار، افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي. 

ليـويز فورس موجب آپريشن سپيرا رغـه چيڪ پوسٽ جي ويجهو ڪيو ويو، جتي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ضلعي انتظاميه جي هڪ سينيئر آفيسر چيو ته هي آپريشن ليـويز فورس جي انٽيليجنس ۽ فـيلڊ ٽيم جي پيشيوراڻي مهارت جو نتيجو آهي، جنهن ۾ ضلعي انتظاميه جو مڪمل سهڪار شامل ھو.

گرفتار ٿيل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ مواصلاتي اوزار هٿ آيا، جن ۾ 11 هينڊ گرينيڊ، 15 ايس ايم جي گرينيڊ، 3 سب مشين گنز، 2 ايم فور رائفلز جا پارٽس، 9 ايم فور ميگزين، 14 ايس ايم جي ميگزين، 420 ايس ايم جي رائونڊ، 230 ايم فور رائونڊ، هڪ ڪلو بارودي مواد، هڪ گرينيڊ لانچر، 2 آر پي جي راڪٽ، 6 وائرليس سيٽ، 4 موبائل فون، هڪ سوزوڪي ڪيري وين، هڪ موٽر سائيڪل ۽ ڪالعدم تنظيم ٽي ٽي پي جو لٽريچر شامل آهي.

وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي ڪامياب آپريشن تي ليـويز فورس ۽ ضلعي انتظاميه کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ليـويز فورس جهڙيون مقامي فورسون بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي ريڙهه جي هڏي آهن، جن جي قربانين ۽ بروقت قدمن سان دهشتگردن جا ارادا ناڪام ٿي رهيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن کان جاچ جاري آهي، جنهن مان وڌيڪ نيٽ ورڪن بابت اهم انڪشافن جو امڪان آھي. هي آپريشن بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});